گنڊاپور پاران ڪي پي مان مان ”تربيت يافته دستو“ ۽ مشينري آڻڻ جو اعلان

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سڀاڻي اسلام آباد ۾ رٿيل احتجاج لاءِ ڪي پي مان مان ”تربيت يافته دستو“ ۽ مشينري آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت ۽ اتحادين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اسان ڪنهن سان ٽڪراءُ يا نقصان نٿا چاهيون، حڪومت اسان جو رستو روڪڻ لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل احتجاج ۾ رٿابندي ناقص هئي، ان ڪري کين وچين رستي تان موٽڻو پيو، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وٽ معياري ماسڪ ۽ حفاظتي سامان نه هو، پر هن ڀيري خاص ۽ تربيت يافته ٽيم قافلن جي اڳيان ويندي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته مشينري قافلن جي اڳيان هوندي، آخري ڀيرو به قافلن جي پويان هئي جيڪڏهن روڊ بند ٿيو ته ڊي چوڪ تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.