ميرپورخاص (بيورو) آءِ جي سنڌ پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪاميٽي جي ٽيمن عمرڪوٽ ۾ ڇاپو هنيو. ذريعن موجب ٽيمن ۾ نواب شاھ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جا پوليس اٽالا شامل هئا. ڇاپي ۾ پوليس اھلڪار ڊرائيور عطا محمد بجير کي گرفتار ڪرڻ بعد ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جي اڳوڻي ۾ ريڊر ستار سمون جي عمرڪوٽ واري گھر تي گذريل رات ڇاپو ھنيو ويو پر سندس گرفتاري نه عمل ۾ نه اچي سگهي. ذريعن موجب پوليس عيوضي ۾ سندس پيءُ رٽائرڊ ھيڊ ماستر عبدالرحمان سمون ۽ چاچي واحد سمون کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ڇاپن دوران گرفتار ڪيلن کي ٽيمن پاران سي آءِ اي پوليس ميرپورخاص حوالي ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِ پوليس ٽيمن پاران ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.