اسلام آباد (م ڊ) مقبول اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ فلسطين جي صورتحال تي مسلمانن جي اپائن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مسلمان ملڪن کي نيٽو جهڙو اتحاد ٺاهڻ گهرجي. نيٽو جا 32 ملڪ آهن، جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيو ته سڀني ملڪن تي حملو سمجهيو ويندو آهي. 57 اسلامي ملڪ اتحاد ٺاهيندا ته مسلمان ملڪ وڌيڪ طاقتور ٿي ويندا پر افسوس مسلمان ورهايل آهن. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي تحفا ڏنا. مولانا فضل الرحمان ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته هو سوالن جا جيڪي جواب ڏيندو آهي اهي مسلمانن طرفان دفاع هوندا آهن. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي مسلمانن جي اتحاد جي ڪوششن جي ساراهه ڪريان ٿو، سندس رهائشگاهه تي پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو.