حيدرآباد(رپورٽر) اتحاد اهلسنت پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ پير الحاج گلشن الاهي قادري، جماعت اهلسنت پاڪستان حيدرآباد جي ضلعي صدر علامه قاري احمد علي سعيدي، پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي صدر عمران سهروردي، جماعت العلماء پاڪستان جي اڳواڻ ڪرامت راجپوت، تحريڪ جانثار ختم نبوت جي صدر علامه مشتاق احمد سعيدي ۽ جميعت علماء طاهريه جي مرڪزي اڳواڻ علامه عبدالخالق چاچڙ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري 3 آڪٽوبر خميس جي ڏينهن تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين تاجدار ختم نبوت ۽ استحڪام پاڪستان امن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي امن واري ڌرتي آهي، پر هڪ منظم سازش تحت امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان امن چاهيون ٿا.