روهت جي دليراڻي حڪمت عملي، بنگلاديش کي ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارت هٿان وائيٽ واش شڪست

ڪانپور(ويب ڊيسڪ ) ڀارت ڪانپور ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو.
برسات سبب متاثر ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن بنگلاديش جي پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 95 رنسن جو هدف مليو.
ميزبان ٽيم هدف نه رڳو سولائي سان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو پر مهمان ٽيم کي وائيٽ واش پڻ ڪري ڇڏيو.
ڪانپور ۾ ڀارت ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي، پر برسات سبب ٻن ڏينهن تائين ميچ شروع نه ٿي سگهي.
راند جي ٽئين ڏينهن بنگلاديش جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 233 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم چوٿين ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز 285 رنسون نوَ رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي.
ڀارت جي يشسوي جئسوال کي ڪانپور ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته آف اسپنر روي چندرن ايشون کي سيريز ۾ 11 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ڀارت چنائي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي هڪ اننگز ۽ 239 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
ڀارت خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست کانپوءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ( ڊبليو ٽي سي ) ۾ بنگلاديش چوٿين کان ستين نمبر تي اچي وئي آهي.
پاڪستان کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کانپوءِ بنگلاديش جي ٽيم ڊبليو ٽي سي رينڪنگ ۾ چوٿين پوزيشن ماڻي هئي.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ رينڪنگ ۾ ڀارت پهرئين، آسٽريليا ٻئين، سريلنڪا ٽئين، انگلينڊ چوٿين، ڏکڻ آفريڪا پنجين، نيوزيلينڊ ڇهين، بنگلاديش ستين ۽ پاڪستان اٺين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.