ڍاڪا(ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي اڳوڻي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
مشرفي مرتضيٰ تي غيرقانوني اوڳاڙي ۽ شيئرز جي زبردستي منتقلي جو الزام آهي جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان سان گڏ ٻين ڇهن ڄڻن کي به ڪيس ۾نامزد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مشرفي مرتضيٰ مٿان بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) جي ٽيم سلهٽ اسٽرائيڪرز کان غيرقانوني اوڳاڙي ۽ ٽيم جي شيئرز جي زبردستي منتقلي جو الزام آهي.
رپورٽس موجب، مرتضيٰ خلاف ڪيس سلهٽ اسٽرائيڪرز جي اڳوڻي چيئرمين سروس غلام چوڌريءَ طرفان داخل ڪرايو ويو آهي، في الحال ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي ۽ رڳو جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته مشرفي مرتضيٰ کي ويجهڙائي ۾ تحريڪ دوران شاگردن تي حملي واري ڪيس ۾ به نامزد ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ بنگلاديش جي هڪ ٻئي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن کي به شيخ حسينه واجد حڪومت جي تبديلي کانپوءِ قتل جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like