ڪوهلي سان ڀيٽ بي معنيٰ، بابر کي ٽيم مان ڊراپ ڪيو وڃي: ظهير عباس

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري بيٽر ظهير عباس بابر اعظم کي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرمناڪ ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم کي سندس مداح توڻي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
هڪ بيان ۾ ظهير عباس بابر اعظم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريندي چيو ته بابر اعظم کي ٽيم مان ڊراپ ڪيو وڃي.
ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابر اعظم ٽيم جو اهم بيٽر آهي، جيڪڏهن هو آئوٽ آف فارم آهي ۽ پرفارم نٿو ڪري ته کيس ٽيم مان نيڪالي ڏني وڃي.
ان کانسواءِ ظهير عباس بابر اعظم جي موجودا ڪارڪردگي ڏسي سندس ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان ڀيٽ کي بي بيناد قرار ڏنو.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ويرات ۽ بابر جو ڀيٽ بي معنيٰ آهي، ويرات هر ميچ ۾ رنسون ٺاهيندو آهي، جڏهن ته بابر هر ميچ ۾ رنسون ناهي ڪندو ته پوءِ اوهان ٻنهي جي ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪري سگهو ؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.