ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڪانپور ٽيسٽ ميچ دوران ڀارتي ٽيم تيز بيٽنگ جو هڪ ٻيو ۽ انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ڀارت بنگلاديش خلاف ٻنهي اننگز ۾ مجموعي طور 312 بال کيڏي 383 رنسون ٺاهيون ۽ ڀارتي ٽيم جي ڪانپور ٽيسٽ ۾ رنسون ٺاهڻ جي في اوور ايوريج 7.36 رهي.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيم 7 رنسن کان وڌيڪ جي ايوريج سان رنسون ٺاهيون آهن.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا 2005ع ۾ زمبابوي خلاف 6.80 جي ايوريج سان رنسون ٺاهيون هيون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪانپور ٽيسٽ ۾ ئي ڀارتي ٽيم تيز بيٽنگ جو نئون رڪارڊ ٺاهيندڙ ٽن اوورن ۾ پنجاهه رنسون مڪم ڪندڙ پهرين ٽيم بڻي هئي.
بنگلاديش خلاف ڀارت جي اوپنر روهت شرما ۽ يشسوي جئسوال تيز بيٽنگ ڪندي رڳو 18 بالن تي ٽيم جو مجموعي اسڪور 50 رنسن تائين پهچايو هو.
You might also like