اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نوري آباد پاور پروجيڪٽ ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد وڏي وزير ۽ ٻين خلاف نوري آباد پاور پروجيڪيٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ جوابدارن جو وڪيل بئريسٽر قاسم نواز عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.
احتساب عدالت نيب چيئرمين جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي وڏي وزير وزير سميت ٻين جوابدارن کي ريفرنس مان آجو ڪري ڇڏيو.
Next Post
You might also like