انسٽاگرام جو ” ڊيٽنگ“ ايپ طور استعمال، تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

هڪ تحقيق موجب، سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام کي نه رڳو مشهور شخصيتن پر عام واهپيدارن طرفان به ڊيٽنگ ايپ طور استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي.
انسٽاگرام کي عام طور تي روز مره جي زندگي، خصوصي ۽ دلچسپ لمحا شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڄاڻايل پليٽ فارم مشهور اسپورٽس، شوبز، فيشن ۽ ميڊيا شخصيتن ۾ به طرز زندگي جا لمحا شيئر ڪرڻ سبب مقبول آهي.
جيتوڻيڪ ٻين پليٽ فارمز جيان انسٽاگرام ۾ به سڌي ريت پيغام ( ڊي ايم ) جو آپشن موجود آهي ۽ هر پليٽ فارم وانگر هتي به واهپيدارن هڪٻئي کي پيغام موڪليندا رهن ٿا پر هڪ تحقيق ذريعي پتو پيو آهي ته پليٽ فارمز تي گهڻي قدر ڊي ايم رومانوي هوندا آهن.
ويب سائيٽ بزنس انسائيڊر موجب، خاص طور تي انسٽاگرام جي ڊي ايم ۽ اسٽوريز کي واهپيدار رومانوي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ذريعي طور استعمال ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
گهڻي قدر واهپيدار مخالف جنس واري انسٽاگرام صارف سان ڊي ايم تي رومانوي ڳالهيون ڪندا آهن، جيڪڏهن سندن وچ ۾ لاڳاپا ۽ دوستي نه به هجي تڏهن به اسٽوريز تي هڪٻئي کي ڊجيٽل فلرٽ ڪندي نظر ايندا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا به ان ڳالهه کان واقف آهي ته سڄي دنيا ۾ انسٽاگرام کي ڊيٽنگ ايپ طور استمال ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ ڪمپني پڻ ان سلسلي ۾ وڌيڪ سولايون پيدا ڪرڻ ۾ رُڌل آهي.
ڪمپني چاهي ٿي ته انسٽاگرام ڊي ايم ۽ اسٽوريز کي ڳالهه ٻولهه لاءِ وڌيڪ سولو ۽ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن کي هڪٻئي سان پنهنجا جذبا شيئر ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.
ان کانسواءِ انسٽاگرام جي خواهش آهي ته ايپليڪيشنز جي ڊي ايم ۽ اسٽوريز کي ايترو محفوظ بڻائي سگهجي جو ڪو به ڪنهن ڏانهن اڻوڻندڙ پيغام نه موڪلي سگهي ۽ ڪو به ٽرولنگ ۽ بيلڪ ميلنگ جو نشانو نه بڻجي.
ان سان گڏوگڏ انسٽاگرام تي ڪيئي مشهور شخصيتن ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز طرفان ڊيٽنگ ڪميونٽيز ٺاهڻ جي رجحان ۾ تيزي ڏٺي وئي آهي، جتي واهپيدار رومانوي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.