” نيلم منير چپن جي مٿان موجود ” تر “هٽرائي ڇڏي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪاميڊين ۽ ٽي وي ميزبان عادي عديل مشهور اداڪارا نيلم منير کي مشورو ڏنو آهي ته هو پنهنجي چپن جي مٿان موجود ” تر “ کي هٽرائي ڇڏي.
عاد عديل ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران هڪ سيگمينٽ ۾ نيلم منير کي مشورو ڏيڻ واري سوال تي هن اداڪارا کي ” تر “ هٽرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
ميزبان جڏهن کيس ٻڌايو ته نيلم مينر جي تر جا ته هزاين ديوانا آهن جنهن تي عادي عديل چيو ته ماڻهو چريا هوندا پر هو ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اداڪارا سندس ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ چاهي ٿي ته کيس چپن جي مٿان ٺهيل تر هٽرائڻ گهرجي.
عادي عديل دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نيلم منير جو تر هٽي ويندو ته سندس چهرو نظر ايندو ۽ سندس شڪل تبديل ٿي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته تل کانسواءِ نيلم منير جو چهرو نئين فيچر سان گڏ نظر ايندو پر ان کانپوءِ اداڪارا پنهنجي مرضيءَ سان ٻيا کوڙ سارا مصنوعي تر ٺهرائي سگهي ٿي.
واضح رهي ته اداڪارا نيلم منير جي چپن جي مٿان واضح ڪارو تر موجود آهي، جنهنڪري کيس خوبصورت به قرار ڏنو ويندوآهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.