آءِ فونز سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون آهي ۽ هي گيجٽ نه رڳو نت نون فيچرز سبب ڀرپور آهي پر ڪيئي ماڻهن کي لاءِ اسٽيٽس سئمبل جي به نمائندگي ڪري ٿو.
پر آءِ فون جي وڌندڙ گهرج سبب هڪ جهڙا ئي نظر ايندڙ آءِ فون جا جعلي ماڊلز به مارڪيٽس ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.
جيڪڏهن اوهان به ايپل اسٽور کانسواءِ عام مارڪيٽ مان آءِ فون خريدڻ جو ارادو رکو ٿا ته يقينن اِهو خطرو اوهان لاءِ به موجود آهي.
اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙين ٽپس بابت ٻڌائينداسين جيڪي اوهان لاءِ آءِ فون خريدڻ وقت اصلي يا نقلي ماڊلز جو پتو لڳائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
آءِ فون جي پيڪجنگ ۽ ٻين شين جي ڇنڊڇاڻ ڪريو
آءِ فون خريدڻ وقت ماڊل جي پيڪجنگ ۽ اسان گڏ ڏنل ٻين شين کي به ڇنڊڇاڻ ڪريو، اپيل ڪمپني پنهنجي پيڪجنگ جي حوالي سان ڄاتي ويندي آهي تنهنڪري خريداري وقت خيال رکو ته آءِ فون باڪسز مضبوط هئڻ سان گڏ هاءِ ڪوالٽي تصويرن ۽ پرينٽنگ سان ليس آهن جيڪا ايپل جي سڃاڻپ آهي، ان کانسواءِ اِهو به خيال رکو ته باڪس جي اندر موجود شيون ايپل جون ئي آهن.
سيريل نمبر ۽ آءِ ايم اِي آءِ جي تصديق ڪريو
هر سمارٽ فون جيان آءِ فون جو به هڪ انوکو سيريل نمبر ۽ انٽرنيشنل موبائيل ايڪوئپمينٽ آئيڊينٽي ( آءِ ايم اي آءِ ) نمبر هوندو آهي.
سيريل نمبر جي ڳولا ڪرڻ لاءِ سيٽنگ ۾ وڃي جنرل ۽ ابائوٽ ۾ وڃو، ان کانپوءِ ايپل جي چيڪ ڪيوريج پيج تي وڃي سيريل نمبر لکو، جيڪڏهن اوهان جو آءِ فون اصلي هوندو ته ويب سائيٽ اوهان جي آءِ فون جو ماڊل، وارنٽي اسٽيٽس ۽ ٻي لاڳاپيل معلومات فراهم ڪندي.
ٻئي پاسي آءِ ايم اي آءِ ڄاڻڻ لاءِ آءِ فون تي #06# * ڊائيل ڪريو، اسڪرين تي جيڪو نمبر ظاهر ٿئي ان جي ڀيٽ باڪس ۽ سم ٽري تي ڏنل آءِ ايم اي آءِ نمبر سان ڪريو انهن نمبر جو هڪ جهڙو هئڻ ضروري آهي.
ڪوالٽي چيڪ ڪريو
آءِ فون خريدڻ وقت ان جي باڊي جي جاچ پڙتال ڪريو، جيڪا آءِ فون اوهان خريد ڪري رهيا آهيو ان جا بٽڻ مضبوط هئڻ گهرجن، آءِ فون جي پٺيان ايپل جو لوگو بلڪل سڌو نظر اچي، آءِ فون جي اسڪرين جي سائيز، ڊسپلي جو معيار ۽ وزن ايپل جي ماڊل جهڙو هئڻ گهرجي.
نقلي آءِ فونز جي باڊي ۾ ماڊل جي ROUGH ڪناري، غلط لوگو يا ڍرن بٽڻن بابت سولائي سان پتو لڳائي سگهجي.
ايپل سروس سينٽر وزٽ ڪريو
جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته اوهان پنهنجي آءِ فون جي جاچ پڙتال لاءِ ايپل سروس سينٽر جو وزٽ به ڪري سگهو ٿا جتي ماهرن وٽان ماڊل جي اصل يا نقل هئڻ بابت پتو لڳائي سگهو ٿا.
Prev Post
You might also like