ڌوم فور جو ولن فائنل، اڀيشيڪ بچن ۽ اُدي چوپڙا آئوٽ؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور فلم سيريز ڌوم جي چوٿين حصي ۾ اداڪار رنبير ڪپور اهم ڪردار ادا ڪندو، پر مداحن کي هن ڀيري سيريز جا ٻه مک ڪردار نظر نه ايندا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يش راج فلمز جي نئين فلم ڌوم فور ۾ رنبير ڪپور منفي ڪردار ۾ نظر ايندو، پر مداحن لاءِ بُري خبر اِها آهي ته گذريل ٽن فلمن جا ٻه مشهور ڪردار اڀيشيڪ بچن ۽ اُدي چوپڙا ڌوم فور جي ڪاسٽ جوحصو نه آهن.
ان کان اڳ اڀيشيڪ بچن فلم ۾ انسپيڪٽر جئه ۽ اُدي چوپڙا علي جو ڪردار نڀائيندا آيا هئا، ڌوم فور جي ڪهاڻي اديتيا چوپڙا ۽ وجي ڪرشنا آچاريه گڏيل طور لکيو آهي.
رپورٽس موجب، رنبير ڪپور ڪيئي موقعن تي ڌوم سيريز جي ڪاسٽ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪيئ هئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس فلم ميڪرز سان ڊگهي عرصي کان ڳالهه ٻولهه جاري هئي، فلم جي وڌيڪ تفصيلن ۽ ٻي ڪاسٽ بابت تمام جلد اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.