ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه عوام کي مفت سولر سسٽم جي ورهاست جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
ناصر حسين شاهه ايڪسپو سينٽر ۾ گفتگو ڪندي چيو ته سڀ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو شڪار آهن، حڪومت لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جو نوٽيس ورتو آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت سولر منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان هڪ لک 60 هزار سولر سسٽم مفت ورهائينداسين، انورٽر ۽ بيٽري بيڪ اپ به ڏينداسين، ان سلسلي ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ٿرڪول نيشنل گرڊ ۾ سڀ کان سستي بجلي ڏئي رهيو آهي، 300 يونٽ وارا وارن واهپيدارن کي منشور ۾ ڪيل واعدن موجب رليف ڏينداسين.
You might also like