ماستر ٿيلهو نه آڻڻ تي شاگرد کي ڪرنٽ هڻي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شاگرد طرفان ٿيلهو نه آڻڻ تي استاد کيس مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ هڻي ڇڏيو.
رپورٽن موجب اتر پرديش رياست جي شهر علي ڳڙهه ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي نجي اسڪول جي ماستر ٿيلهو نه آڻڻ تي شاگرد کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.
ٻار جي پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته سندس پٽ جيمز اسڪول ويندي ٿيلهو گهر ۾ وساري ويو، ماستر ٿيلهو نه آڻڻ تي پٽ کي ڏاڍو ماريو، ان جا ڪپڙا ۽ جوتا لاهي ڇڏيا، کيس بجلي جو ڪرنٽ لڳايو.
پوليس موجب اسڪول عملي ۽ انتظاميا کان جاچ جاري آهي، لکت شڪايت جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.
هوڏانهن ماستر چيو ته ٻار کي ڪرنٽ لڳڻ جو الزام غلط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.