ڀول ڀليا ٿري ۾ اصل ” منجولِيڪا“ جي واپسي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بلاڪ بسٽر سيريز ” ڀول ڀليا “ جي ٽئين حصي جي ڊگهي انتظار کانپوءِ رليز ٿيندڙ ٽريلر مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.
ڀول ڀليا ٿري ۾ ڪارتڪ آريان پنهنجي مشهور ڪردار ” روح بابا “ طور واپسي ڪري رهيو آهي جيڪو وديا بالڻ جي تاريخي ڪردار ”منجوليڪا“ سان مهاڏو اٽڪائيندو.
هارر ڪاميڊي فلم ۾ ڪارتڪ آريان سان گڏ ماڌوري ڊڪشت، تريپتي ڊمري ۽ راجپال ياديو به اهم ڪردار ۾ نظر ايندا.
جاري ڪيل ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته منجوليڪا جي واپسي روح بابا لاءِ خوف جي علامت بڻجي ويندي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ زبردست ٽاڪرو ٿيندو جيڪو فلم کي وڌيڪ دلچسپ بڻائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.