ٽنڊولڪر ڪري سگهيو نه ئي لارا، سريلنڪن بيٽر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

گال ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن بيٽر ڪمينڊو مينڊس نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ گال ۾ جاري آهي جتي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي آهي.
سريلنڪا پهرئين اننگز ۾ ڪمينڊو مينڊس جي شاندار 182 رنسن جي مدد سان پنج وڪيٽن جي نقصان تي 602 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
سريلنڪا جي اننگز دوران جڏهن ڪمينڊو مينڊس پهريان ففٽي مڪمل ڪئي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اڪيلو بيٽر بڻجي ويو جنهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي اٺن ٽيسٽ ميچن ۾ لاڳيتو ففٽي اسڪور ڪئي آهي.
اِهو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ جو نئون ۽ انوکو رڪارڊ آهي، ان کان اڳ اِهو رڪارڊ پاڪستان جي سعودي شڪيل وٽ هو جنهن پنهنجي شروعاتي ست ٽيسٽ ميچن ۾ مسلسل ففٽي اسڪور ڪئي .
ان کانسواءِ ڪمينڊو مينڊس 13 ٽيسٽ اننگز ۾ هڪ هزار رنسون به مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ ليجنڊري بيٽر سر ڊان بريڊ مين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ورتو آهي، بريڊ مين به 13 اننگز ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.
واضح هري ته سريلنڪا کي نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.