ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غلط سزا ٻڌائيندڙ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته ملڪ ۾ مظلوم ورهين کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي، اسان کي چاليهه سالن کانپوءِ شهيد ڀٽو ڪيس ۾ پورو انصاف ناهي مليو.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنهن غلط سزا ٻڌائي هئي سند خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته آئيني عدالت وقت جي گهرج آهي، سڄي دنيا ۾ آئيني عدالتون موجود آهن، ڪو به ادارو اهڙو نٿو ٿي سگهي جيڪو حڪومت کي جوابده به هجي.
هن چيو ته ڪو به ادارو اهڙو ناهي جيڪو حڪومت کان مٿانهون هجي، جيڪا ڳالهه ملڪ ۽ آئيني ادارن لاءِ بهتر هوندي مولانا فضل الرحمان حمايت ڪندو.
ناصر حسين اِهو به چيو ته مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل وارن عدالت جو در کڙکايو پر سيٽون پي ٽي آءِ کي ملي ويون.
آئيني عدالت وقت جي گهرج قرار، ملڪ ۾ مظلوم ورهين کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن: ناصر شاهه
You might also like