لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور جي سيشن عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ اداڪارا نازش جهانگير جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.
لاهور جي سيشن عدالت ۾ اداڪارا اذان اسود هارون جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت عدم پيروي تي اداڪارا نازش جهانگير جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي جڏهن ته شريڪ جوابدار سڪندر جي عبوري ضمانت ۾ آڪٽوبر جي پهرئين هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي.
اداڪارا نازش جهانگير خلاف ڊفينس سي ٿاڻي ۾اداڪارا اذان اسود طرفان فراڊ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.
ايف آءِ آر موجب، اداڪارا نازش 25 لک رپيا ۽ گاڏي ٻن مهينن لاءِ ورتي پر رقم ۽ گاڏي واپس نه ڪئي وئي.
You might also like