واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي ايڪسٽنڊڊ فنڊ پروگرام جي منظوري کانپوءِ بيل آئوٽ پيڪيج تحت هڪ ارب ڊالرن جي قسط جاري ڪري ڇڏي آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ڏکيو ڪاروباري ماحول، ڪمزور حڪمراني ۽ حد کان وڌيڪ رياستي مداخلت سيڙپڪاري ۾ رنڊڪ بڻيل آهن.
آءِ ايم ايف موجب نئين قرض پروگرام جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بحال ڪرڻ، سرڪاري ادارن ۾ سڌارا آڻڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهاڪي 4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي، پر اهم مسئلا برقرار آهن جن ۾ ڏکيو ڪاروباري ماحول، ڪمزور حڪمراني ۽ محدود ٽيڪس بيس شامل آهن.
آءِ ايف ايف موجب عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 37 مهينن جي پروگرام تي سود جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هوندي.
قرض جي نئين پروگرام جو مقصد معاشي استحڪام جي بحالي، سرڪاري ادارن جي سڌاري، عوامي خدمت جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي.
آءِ ايم ايف موجب پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ ترقياتي ڀائيوارن جي لاڳيتو مالي مدد اهم هوندي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جون 2024ع ۾ مضبوط بجيٽ پيش ڪئي، جون کان وٺي هن وقت تائين پاليسي ريٽ ۾ 450 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي آهي.
ان باوجود ملڪي ڪمزوريون ۽ مسئلا سنگين آهن، جن ۾ مشڪل ڪاروباري ماحول، ڪمزور حڪمراني ۽ رياستي مداخلت سيڙپڪاري ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، قرض جي منظوري کانپوءِ واشنگٽن مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت اميرن کان ٽيڪس وٺي غريبن جي مدد ڪري رهي آهي.
You might also like