ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي پاڪستان جي سياحت جو مرڪز بڻايو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سياحت جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ کي پاڪستان جي سياحت جو مرڪز بڻائينداسين.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن سياحت ۽ امن جي موضوع تي ملهايو پيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سياحت قومن ۽ ثقافتن وچ ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿي، سياحت امن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته سياحت ماڻهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ هڪ فائديمند ذريعو آهي، سنڌ ۾ سياحت جا بهترين موقعا موجود آهن، سنڌ جا ساحلي علائقا، درياهه جا دلڪش هنڌ ۽ گورک جبل پاڻ طرف ڌيان ڇڪائين ٿا.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪارونجھر، ڪينجھر، کيرٿر نيشنل پارڪ، ٿر جي ريگستان جا دلڪش نظارا سندن ملڪ جي خوبصورتي آھن. اسان کي سياحتي ماڳن جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.