ويجهڙائي واري عرصي دوران ميٽا طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) کي مختلف ايپس جهڙوڪ واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جو حصو بڻايو ويو آهي.
ميٽا اي آءِ نالي اسسٽنٽ کان اوهان سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ سان گڏوڏگڏ تصويرون پڻ ٺهرائي سگهو ٿا.
ڪمپني طرفان اي آءِ اسسٽنٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو ويو آهي، واهپيدار هاڻي وائس ڪمانڊ جي ذريعي به ميٽا اي آءِ استعمال ڪري سگهندا.
ميٽا ڪنڪٽ ڪانفرنس جي موقعي ڪمپني ٻڌايو ته مختلف مشهور شخصيتن جهڙوڪ جان سينا جي آواز جي نقل ڪندي هي اي آءِ اسسٽنٽ اوهان سان چيٽ ڪندو.
ان کانسواءِ ميٽا طرفان وائس چيٽ سپورٽ سان گڏ هڪ نئون اميج فيچر به واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسنجر ۾ ميٽا اي آءِ جي ذريعي تصويرن کي ايڊٽ ۽ تبديل ڪري سگهندا.
اهڙي ريت واهپيدار ميٽا اي آءِ ذريعي تصويرن تان شيون هٽائي يا ايڊ ڪري سگهندا، دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته ان لاءِ لکت ۾ ڪائي هدايت نه ڏيڻي پوندي پر وائس ڪمانڊ ذريعي ائين ممڪن هوندو.
نئين فيچر لاءِ ڪمپني طرفان ميٽا اي آءِ کي لاما 3.2 ماڊل ذريعي اَپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي، واٽس ايپ واهپيدارن ايندڙ هفتن ۾ نين تبديلين مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
Prev Post
You might also like