سنڌ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) سنڌ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
او جي ڊي سي ايل طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ اکيرو-1 جي کوهه ۾ هائڊرو ڪاربن جا ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب ساون سائوٿ جوائنٽ وينچر خيرپور ضلعي ۾ اکيرو – 1 کوهه مان لوئر گور بي ريزروائير ريتي تان گئس دريافت ڪئي آهي پر گئس جي مقدار بابت ڪنهن قسم جي تفصيلن کان آگاهه ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.