پاڪستان ۽ ايران جو گئس پائپ لائن منصوبي ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ ايران اقتصادي ۽ واپاري سهڪار وڌائڻ ۽ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گورپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
ايراني ميڊيا موجب وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان نيو يارڪ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مسعود پزشڪيان شهيد صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان دوري ۾ ڪيل سمجهوتن کي آخري شڪل ڏيڻ ۽ عملدرآمد لاءِ تهران جي عزم جو اعلان ڪيو.
ايراني ميڊيا ٻڌايو ته صدر مسعود پزشڪيان واپاري ڏي وٺ ۾ سهولت لاءِ ريلوي ۽ روڊ ٽرانسپورٽ جو وڏو نيٽ ورڪ ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو ته اقتصادي، سياسي، مواصلاتي ۽ سيڪيورٽي جون گهرجون نظر ۾ رکيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.