روسي صدر ولاديمير پيوٽن اولهه ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن دشمن اهڙا روايتي هٿيار به استعمال ڪيا، جن سان روس يا بيلاروس جي سلامتي کي خطرو پيش آيو ته انهن ملڪن خلاف روس نيوڪليئر هٿيار استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو.
روس جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ نيوڪليئر هٿيارن جي استعمال بابت رياستي پاليسي جي بنيادي اصولن جي وضاحت ڪندي صدر پيوٽن چيو ته جيڪڏهن روس تي اهڙي رياست جارحيت ڪئي، جنهن جي حملي ۾ ايٽمي رياست شريڪ يا مددگار هوندي ته اهو روس خلاف گڏيل حملو تصور ڪيو ويندو.
هن چيو ته اها ڳالهه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو سان طئي ٿي چڪي آهي، نيوڪليئر ڊيٽرنس بابت بيلاروس سان گڏ ٻين ملڪن ۽ فوجي اتحادن کي به ان فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، گڏوگڏ انهن خطرن جي فهرست ۾ به واڌ ڪئي پئي وڃي، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهي قدم کنيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته نيوڪليئر هٿيار استعمال ڪرڻ تي غور ان وقت ٿيندو، جڏهن دشمن روس تي ميزائلن يا اسپيس اٽيڪ هٿيارن سان وڏو حملو ڪندو ۽ اهي هٿيار روس جي سرحد پار ڪندا، انهن خدشن ۾ اسٽريٽيجڪ يا ٽيڪنيڪل ايئر ڪرافٽ، ڪروز ميزائل، ڊرون، هائپر سونڪ يا ٻيا جهاز شامل آهن.
پيوٽن چيو ته نئين پاليسي ۾ اها شرط واضح ڪيا ويا آهن، جن ۾ روس ايٽمي هٿيار استعمال ڪندو، نيوڪليئر هٿيار ئي روس ۽ ان جي عوام جي تحفظ جي سڀ کان اهم ضمانت آهن.
You might also like