ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو.
پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس اهلڪارن تي جعلي مقابلي جو الزام هو، انڪوائري ۾ الزام درست ثابت ٿيڻ تي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو، ملوث اهلڪارن خلاف گهرڀاتين جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ٿيندي، اهي پوئتي هٽي ويا ته سنڌ حڪومت ڌر بڻجندي.
هن چيو مان عمرڪوٽ واقعي جي انڪوائري جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون هيون، تفصيلي انڪوائري ڪئي وئي آهي، سانحي جي رپورٽ 31 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ثابت ٿيو ته پوليس توهين رسالت جي الزام ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جو فيڪ انڪائونٽر ڪيو ۽ رپورٽ موجب ڊي آءِ جي ۽ ماتحت عملو ڪنهن نه ڪنهن صورت ان ۾ ملوث آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به عدالت کان مٿانهين قتل جي اجازت نه ڏينداسين، پوليس جو ڪم شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ڪير ڏوهي آهي ته به ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڊاڪٽر شاهنواز توهين ڪئي هئي يا نه؟ موبائل فون فرانزڪ لاءِ موڪلي آهي.
صوبائي وزير چيو ته شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪندي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، سڀني ملوث آفيسرن خلاف ايف آءِ آر ٿيندي، اسان متاثر خاندان سان گڏ آهيون، وڏو وزير جلد متاثر خاندان لاءِ معاوضي جو اعلان ڪندو.
ڊاڪٽر شاهنواز کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو، مڪمل جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ضياءُ لنجار
You might also like