پاڪستاني رانديگرن تي اعتماد ڪرڻو پوندو: جيسن گليسپي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته هنن انگلينڊ خلاف اسڪواڊ کي بنگلاديش سيريز کان گهڻو مختلف ناهي رکيو، بنگلاديش خلاف سيريز ۾ نتيجا سندن حق ۾ نه هئا، هنن بنگلاديش خلاف ڪجهه حصن ۾ سٺو کيڏيو، ان ۾ تسلسل ضروري آهي.
چيمپيئنز ڪپ ۾ ڪامينٽري دوران ڳالهائيندي جيسن گليسپي چيو ته رانديگرن تي ڀروسو ۽ اعتماد انتهائي ضروري آهي، پليئرز جو اعتماد بلند رکڻ لاءِ کين اِهو يقين ڏيارڻ ضروري آهي ته اسان کي مٿن يقين آهي.
هن چيو ته اسڪواڊ ۾ شامل سڀ رانديگر باصلاحيت آهن، ڪو به رات پيٽ ۾ پنهنجي صلاحيت ناهي وڃائي ويهندو، هڪ يا ٻه خراب سيريز کين برو پليئر نٿي بڻائي سگهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ ڪندي چار مهينا ٿيا آهن، پليئرز کي سمجهائڻ شروع چڪو آهيان، هڪ خراب سيريز کانپوءِ تڙ تڪڙ ۾ ڪو به فيصلو نٿا ڪرڻ چاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.