لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي سليڪٽرن انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٽن ريزرو رانديگرن کي به اسڪواڊ سان گڏ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽرن پهرين ٽيسٽ لاءِ ڪامران غلام، زاهد محمود ۽ محمد علي کي ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو باظابطا اعلان چيمپيئنز ڪپ کانپوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامران غلام ۽ زاهد محمود چيمپيئنز ون ڊي ڪم ۾ غير معملولي ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن سبب کيس اسڪواڊ سان گڏ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، قومي سيلڪٽرن ريزرو رانديگرن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ٽي ڏينهن اڳ پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو ۽ ٽيسٽ اسڪواڊ کي چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي باقي ميچن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، ٻنهي ٽيمن وچ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ملتان ۾ ست آڪٽوبر کان يارنهن آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي.
You might also like