بئنڪاڪ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ يوٿ چيمپيئن باڪسنگ ۾ پاڪستان جي عثمان وزير ڀارتي مخالف کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
پروفيشنل باڪسنگ جو پاڪ-ڀارت ٽاڪرو پاڪستان جي عثمان وزير هڪ منٽ پنج سيڪنڊ ۾ ئي کٽي ورتو، ڀارتي باڪسر عثمان وزير جون ٻه مُڪون به برداشت نه ڪري سگهيو.
ٿاءِ جي باڪسنگ ايرينا ۾ پاڪستان جي عثمان وزير جو مقابلو ڀارت جي ٿلڪ سيلوام سان هو، پهريون رائونڊ شروع ٿيو ته ڪجهه ئي سيڪنڊن اندر عثان جو زورائتو ٺونشو ڀارتي باڪسر سهي نه سگهيو ۽ رنگ ۾ ويهي رهيو.
ڀارتي باڪسر جو اڃا ساهه بحال ئي ٿيو ته عثمان کيس هڪ ٻي مُڪ وهائي ڪڍي، جنهن کانپوءِ ڀارتي باڪسر پاڻ سنڀاللي نه سگهيو ۽ صورتحال کي ڏسندي ريفري عثمان وزير کي ٽيڪنيڪل بنياد تي فاتح قرار ڏئي ڇڏيو، مقابلو رڳو هڪ منٽ پنج سيڪنڊ جاري رهيو.
باڪسنگ رنگ ۾ عثمان وزير جي اِها لڳاتار چوڏهين فتح آهي ۽ ڀارتي باڪسر کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ قومي باڪسر طرفان ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي اپيل وئي آهي.
ورلڊ يوٿ باڪسنگ: پاڪستاني باڪسر ڀارتي مخالف کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو
You might also like