اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي 10 وڏن شهرن ۾ ڊينگي پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي ڊينگي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ وبا جا ڪيس آڪٽوبر ۾ وڌڻ جو خدشو آهي.
ملڪ جي 10 وڏن شهر ۾ ان وبا جا خطرا وڌيڪ آهن، جن ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، راولپنڊي، فيصل آباد، سيالڪوٽ، ملتان، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو شامل آهن.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته چوماسي کانپوءِ ان وبا ۾ واضح طور واڌ ٿيندي آهي، شهري گهرن ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي بيهڻ نه ڏين، جڏهن ته پاڻي جي کليل ٿانون کي به ڍڪيو وڃي.
ڊينگي جي علامتن ۾ بخار، ڳلي جي خرابي، جسم ۽ مٿي ۾ سور، الٽي شامل آهن، شهري بچاءَ لاءِ اڌ ٻانهن وارا ڪپڙا نه پائين ۽ گهرن ۾ مڇر مار ڦوهارو ڪرائين.
You might also like