لاهور (ويب ڊيسڪ ) اداڪارا لائبا خان چيو آهي ته هوءَ شادي ڪري شوبز جي دنيا ڇڏڻ چاهي ٿي.
نجي ٽي وي چئنل جي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي اداڪارا لائبا خان چيو ته جڏهن شوبز ۾ ڪم شروع ڪيو هو تڏهن ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ان شعبي ۾ پنج سال ڪم ڪنديس.
هن چيو ته مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته پنجن سالن کانپوءِ انڊسٽري ڇڏي ڏينديس، هاڻي اداڪاري ڪندي پنج سال پورا ٿي چڪا آهن انڪري ڪنهن به وقت انڊسٽري ڇڏي سگهان ٿي.
اداڪارا چيو ته مان هاڻي سڀ ڪم ڇڏي شادي ڪري سيٽل ٿيڻ چاهيان ٿي، اهڙي همراهه سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪو پاڻ به منهنجي عزت ڪري ته سندس گهروارا به ڪن.