”فلم جي شوٽنگ دوران بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ويا“ اميتاڀ بچن جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن ماضيءَ جو يادگار قصو ٻڌايو جڏهن کيس هڪ فلم جي منظر لاءِ بجلي جا جهٽڪا ڏنا ويا هئا.
اميتاڀ بچن اڪثر فلم سيٽس، ايوارڊ شوز ۾ پيش آيل واقعا ۽ تجربا پنهنجي پروگرام ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي ميزباني دوران شيئر ڪندو رهندو آهي.
ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي 16 هين سيزن ۾ گفتگو دوران اداڪار انڪشاف ڪيو ته کيس 1981ع ۾ رليز ٿيل فلم ” يارانا“ جي گيت ” سارا زمانا حسينو ڪا ديوانا “ جي شوٽنگ لاءِ بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ويا هئا.
هن چيو ته اِهو گيت ڪولڪتا جي نيتا جي سڀاش چندر بوس اسٽيڊيم ۾ رات جو شوٽ ڪيو ويو هو ڇو ته تنهن زماني ۾ ڏينهن جو وڏي انگ ۾ پرستار شوٽنگ واري هنڌ جمع ٿي ويندا هئا.
هن پنهنجي تاريخي لباس اليڪٽرڪ جيڪٽ بابت وضاحت پيش ڪندي چيو ته ان وقت ٽيڪنالوجي گهڻي ايڊوانس نه هئي، تنهنڪري جيڪٽ جي روشنين کي بجلي سان جڙيل هڪ تار ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويو هو.
اداڪارا موجب، هن سڄي جسم تي تار ويڙهي ڇڏي هئي جڏهن ته سندس ڄنگهه جي پٺيان کان تار سوئچ بورڊ ۾ لڳل هئي.
اميتاڀ جو چوڻ هوته جيئن ئي بجلي هلي، هن نچڻ شروع ڪري ڇڏيو پر انڪري نه ته کيس نچڻو هو پر هن کي بجليءَ جا جهٽڪا لڳي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.