ميٽا جي نئين ڊيوائس، جيڪا سمارٽ فونز جي جاءِ والاريندي

ميٽا طرفان ڊگهي کان سمارٽ فونز جي متبادل لاءِ اگيومينٽڊ رئيلٽي ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل سمارٽ گلاسز جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڏس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪمپني طرفان پنهنجو پهريون اي آر سمارٽ گلاس اورين متعارف ڪرايو آهي.
ميٽا ڪنڪٽ نالي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪمپني طرفان ” فل هوگرافڪ“ اي آر گلاسز نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا.
ميٽا پنج ورهيه اڳ انڪشاف ڪيو هو ته هو هولوگرافڪ سمارٽ گلاسز تي ڪم ڪري رهيو آهي پر حقيقت ته اِها آهي ته ڪمپني ان منصوبي تي هڪ ڏهاڪو اڳ ڪم شروع ڪري چڪي هئي.
اورين بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اِهي هنيئر تائين تيار ٿيندڙ بهترين اي آر گلاسز آهن، ان جي اندر پراجيڪٽرز موجود آهن جيڪي هولوگرامز کي گلاسز ۾ ڊسپلي ڪن ٿا.
ميٽا موجب، اِهي هلڪي وزن وارا گلاسز آهن جيڪي چئوديواري جي اندر ۽ ٻاهر ٻنهي هنڌن تي ڪم ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سمارٽ گلاسز اهڙو ڊجيٽل تجربو فراهم ڪن ٿا جيڪو هنيئر تائين سمارٽ فون اسڪرين تائين محدود هو.
اهڙي ريت آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي جي ذريعي اوهان کي پنهنجي ڀرپاسي جي دنيا بابت وڌيڪ بهتر ڄاڻ ملي سگهندي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اوهان اورين ذريعي فريج جي اندر ڏسي سگهو ٿا ۽ ميٽا اي آءِ طرفان ان ۾ موجود سامان کي نظر ۾ رکندي کاڌي جي ترڪيب جي تجويز ڏني ويندي.
سمارٽ چشمن ذريعي اوهان وڊيو ڪالز به ڪري سگهندئو جڏهن ته ميسنجر ۽ واٽس ايپ تي پيغام پڻ موڪلي سگهندئو.
اهڙي طرح واهپيدارن کي مختلف ايپس جهڙوڪ يوٽيوب ۽ ٻين هولوگرافڪ ورزنز به دستياب هوندا.
ڪمپني طرفان سمارٽ چشمن سان گڏ هڪ بريسليٽ به ڏنو پيو وڃي جنهن کي GESTURE ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لازمي طور پائڻو پوندو.
ڪمپني موجب، في الحال سمارٽ گلاسز عام وڪرو لاءِ پيش نه ڪيا ويندا پر اِهي محدود ماڻهن کي دستياب هوندا ته جيئن ان ۾ وڌيڪ بهتري کانپوءِ کانپوءِ سڀني لاءِ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.