اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن قسم جي ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو 8 سيپٽمبر جي جلسي کانپوءِ واضح ٿي ويو ته اسان ڪنهن سان ڳالهيون نه ڪنداسين.
صحافي سوال ڪيو ته رئوف حسن موجب اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون پارٽي پاليسي آهي، جنهن تي جواب ڏيندي عمران خان چيو ته رئوف حسن کي غلط فهمي ٿي آهي، سڀني کي ٿو چوان ته ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون اڻٽر آهن، ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.