مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس چيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي ايترو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي جنهن جي اميد ماهرن به نه ڪئي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران بل گيٽس اڳڪٿي ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي تعليمي ۽ طبي شعبن ۾ اڳڀرائي کي انتهائي تيز ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته هي پهرين اهڙي ٽيڪنالوجي آهي جيڪا ماهرن جي اميدن کان به وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته اي آءِ ذريعي گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو پر ان ٽيڪنالوجي سان جڙيل خطرن تي کيس خدشا آهن.
بل گيٽس موجب اي آءِ ٽيڪنالوجي جي رفتار جو مطلب آهي ته ڪمپنين کي حڪومتن سان گڏجي قانون سازي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته مصنوعي ذهانت اسان جي معيشت کي نقصان نٿي پهچائي سگهي.
هن خبردار ڪيو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ذريعي مختلف شعبن سان واڳيل ماڻهن جون نوڪريون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
هن چيو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ڪمپيوٽرز، فون ۽ انٽرنيٽ کان به وڌيڪ اثرانداز ٿي سگهي ٿي، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي نه ڏٺي آهي.
هن اڳڪٿي ڪئي ته هڪ ڏهاڪي جي اندر مختلف شعبا جهڙوڪ تعليم ۽ صحت نمايان حد تائين تبديل ٿي ويندا.
بل گيٽس جو خيال آهي ته اي آءِ سبب ڪاروباري هفتي جو دورانيو مختصر ٿي ويندو ۽ روايتي ڪُل وقتي ملازمت جي ضرورت گٽهجي ويندي.
هن اِهو به چيو ته ڊگهي مدي جي بنيادن تي ملازمت ايتري اهم نه رهندي ۽ سندس خيال ۾ اِها هڪ سٺي ڳالهه آهي.
سمورن خدشن باوجود بل گيٽس کي ڀروسو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي جي اڳڀرائي سان انسانيت کي فائدو ئي ٿيندو.