بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان لبنان تي بمباري جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 558 ٿي ويو.
لبنان جي ڏاکڻي ۽ اوڀر علائقن ۾ بمباري جي نتيجي ۾ 1600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهيدن ۽ زخمين ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، بمباري ۾ ڪيترائي گهر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا.
واقعن کانپوءِ هزارين شهري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.
You might also like