ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪسٽم اينڊ اينٽي سمگلنگ ڪورٽ جج جي سوالن تي وفاقي جاچ ايجنسي جي عورت پراسيڪيوٽر بيهوش ٿي ڪِري پئي
اسپيشل ڪورٽ جج طرفان ايف آءِ اي جي عورت پراسيڪيوٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ويو ته ايف آءِ اي اختياريون ڇو پيش نه ٿيون؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو اسان کي آگاهه نه ڪيو ويو ته ڪيئن پيش ٿيون.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته توهان پراسيڪيوٽر ڪيئن بڻيا آهيو؟ عورت پراسيڪيوٽر چيو ته مان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ميرٽ تي ڀرتي ٿي آهيان.
عدالتي عملي موجب جج جي سخت لهجي سبب عورت پراسيڪيوٽر عدالتي ڪمري ۾ ڪِري پئي.
ذريعن ٻڌايو ته عورت کي مٿي ۽ چيلهه ۾ ڌڪ لڳو، فوري طور ڊاڪٽر گهرائي کيس شروعاتي طبي امداد ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيشل ڪورٽ جو جج عدالتي ڪمري مان چيمبر ۾ هليو ويو، عورت پراسيڪيوٽر کي جج جي عملي روم ۾ ويهاريو ۽ طبعيت بهتر ٿيڻ تي عورت پراسيڪيوٽر کي آفيس روانو ڪيو ويو.
You might also like