سيف سٽي منصوبو، 35 ڪئميرائن سان ڪراچي جي مانيٽرنگ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيف سٽي منصوبي تحت پول سائٽس ۽ ڪئميرائن سان ڪراچي شهر جي مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه کي سيف سٽي منصوبي بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 7 پول سائٽس ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ 35 ڪئميرائن سان شهر جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سي پي او ۾ قائم ڪنٽرول روم ۾ ڊيٽا سينٽر جا اوزار ۽ وڊيو وال لڳائي وئي آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ 1300 ڪئميرائون لڳايون وينديون.
بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته شڪي گاڏين ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ڪئي ويندي، 18 ٿاڻن ۾ پرابلم اوريئنٽڊ پوليسنگ ٿيندي، پي او پي سائٽس جي ٺاهه جوڙ شروع ڪئي وئي آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جديد ڪئميرا ۽ مانيٽرنگ سسٽم سميت سمورو سامان ڪراچي پهچي ويو آهي، 5 ايمرجنسي ريسپانس گاڏيون حاصل ڪيون ويون آهن، ان کانسواءِ ڪراچي پوليس آفيس ڀرسان سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽر جي تعمير شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.