اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ وڏو معاهدو ٿي ويو، معاهدي تحت چيني ڪمپني آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ سان گڏجي تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندي.
او جي ڊي سي ايل چين جي ڪمپني سي سي ڊي سي سان تيل ۽ گئس ڳولڻ جو معاهدو ڪري ورتو، جنهن تحت چيني ڪمپني او جي ڊي سي ايل سان گڏجي تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندي.
معاهدي تي او جي ڊي سي ايل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروڊڪشن ممتاز علي سومرو ۽ سي سي ڊي سي جي نائب صدر زانگ زيڊونگ صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي به موجود هئا.
او جي ڊي سي ايل هڪ بيان ۾ چيو ته معاهدو پاڪستان ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اهم آهي.
مصدق ملڪ چيو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي گڏيل توانائي جي شعبي ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪندو.
You might also like