ورلڊ 6 ريڊ سنوڪر: پاڪستان جو اسجد اقبال ڀارتي حريف کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

منگوليا ۾ جاري ورلڊ ڪپ 6 ريڊ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي اسجد اقبال شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سيمي فائنل ۾ ڀارت جي ملڪيت سنگهه کي هڪ طرفي مقابلي ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
اسجد اقبال ڀارت جي ملڪيت سنگهه کي مڪمل طور آئوٽ ڪلاس ڪندي 6-0 تان هارائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مخالف کي هڪ فريم به کٽڻ جو موقعو نه ڏنو.
مقابلي جي شروعات پهرئين فريم ۾ اسجد اقبال جي 49-18 جي فتح سان ٿي، جنهن کانپوءِ هن لڳاتار بهترين راند جو مظاهرو ڪدني ٻيو فريم 38-34، ٽيون فريم 46-13، چوٿون فريم 40-31، پنجون فريم 52-13 ۽ ڇهون فريم 45-0 جي واضح فرق سان کٽيو.
ملڪيت سنگهه پنهنجي مخالف جي سامهون بيوس نظر آيو۽ هو هڪ به وڏو بريڪ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو، ان جي ابتڙ، اسجد اقبال ڇهين فريم ۾ 40 جو بريڪ پڻ ٺاهيو، ان کان اڳ ڪوارٽر فائنل ۾ اسجد اقبال قبرص جي مائيڪل جارگيو کي 5-2 تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.