نئين موبائيل خريدڻ تي ” ٽريٽ “ ڏيڻ کان انڪار، دوستن هٿان نوجوان قتل

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ٽن ڄڻن پنهنجي دوست کي نئين موبائيل خريدڻ کانپوءِ ” ٽريٽ “ نه ڏيڻ تان قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، قتل جي واقعو نئين دهلي جي علائقي شڪر پور ۾ پيش آيو، جتي هڪ 16 ورهين جي نوجوان سچن کي سندس ٽن دوستن مبينا طور نئين موبائيل خريدڻ جي خوشي ۾ ٽريٽ نه ڏيڻ تان قتل ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، افسوسناڪ وقعو سومر ڏينهن پيش آيو، پوليس جي جاچ ڪرڻ تي پتو پيو ته هڪ نوجوان کي سندس ٽن دوستن ٽريٽ نه ڏيڻ تي ڇُري جا وار ڪري زخمي ڪيو، جنهن کانپوءِ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.