ڪراچي (رپورٽر):پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 36 ورهين جو ٿي ويو. اسلامي ملڪن جي پهرين وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري جي فرزند بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه پنهنجي 36 هين سالگرهه ملهائي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪراچيءَ جي بلاول هائوس ۾ ڪاٽيو، جنهن ۾ آصفه ڀٽو، فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي. نثار کهڙو، وقار مهدي، اعظم ڌامراه ۽ ٻين بلاول ڀٽو کي مبارڪباد ڏني. بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي تقريب سنڌ جي گورنر هائوس ۾ پڻ رکي وئي، جنهن ۾ وقتي گورنر اويس قادر شاهه سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب ۾ گهرو وزير سنڌ ضياءَ لنجار، پيپلز پارٽي جي سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. هوڏانهن پ پ چيئرمين کي سندس ڀينرن آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو سوشل ميڊيا تي پڻ جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون. بختاور ڀٽو پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڀاءُ ۽ پٽ جي هڪ خوبصورت وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي 36هين سالگرهه جون واڌايون. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو به پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڀاءُ جي اعزاز ۾ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي پيج پاران بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي حوالي سان پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا جي هر پليٽ فارم تي پ پ جي جيالن ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي مداحن پوسٽون رکي کيس مبارڪون ڏنيون.