حڪومت وٽ ڪا بھ اھڙي صلاحيت نظر نھ پئي اچي جو اھا ملڪ ۾ جاري بحرانن جي ڀنور مان ملڪ کي ڪڍي سگھي.جنھن ڪري عام ماڻھو جو ڪيس لڙھي رھيو آھي.حڪومت اپوزيشن کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ جنھن طرح ۽ حساب سان پنھنجا وسيلا ۽ سمورو ڌيان خرچ ڪري رھي آھي ان مان تھ ائين ئي لڳي ٿو تھ حڪومت وٽ باقي وقت ئي نھ ٿو بچي جو عام ماڻھوجي مسئلن ۽ معاملن ڏانھن گھربل ڌيان ڏئي سگھي،جو ان جو ڪنھن طرح ڪو حل نڪري سگھي.
سياسي ڇڪتاڻ نھ رڳو ختم ٿيندي نظر نھ پئي اچي،پر نوان مسئلا اڀري رھيا آھن ۽ عام شھري جي زندگيءَ جو معيار تھ ڪو رھيو ئي نھ آھي پر ھاڻي رواجي حياتيءَ گذارڻ بھ تمام گھڻي ڏکي ٿي پئي آھي.غير مقبول ۽ مڙھيل حڪومت پنھنجن فيصلا مڃرائڻ جي لاءِ عوام جي راءِ جي احترام بدران سخت رويي سان پيش اچي رھي آھي،جنھن مان ان جي انا ۽ ضد واري طور طريقي سان حڪومت جي پت وائکي ٿيندي پئي وڃي.
پاڪستان ھڪ جمھوري ملڪ تھ آھي يا وري ھتي رائج سسٽم جمھوري تھ آھي پر اھو سڀ ڪجهھ محض ملڪ جي آئين ۾ لکيل آھي، جڏھن تھ عملي طور تي ان جي صورت ڪٿي بھ نظر نھ ٿي اچي. امن امان قائم ڪرڻ، سياسي بحران ختم ۽ صوبائي سطح تي احساس محرومي ختم ڪرڻ بدران سکڻا نعرا ھنيا پيا وڃن.هاڻي ضرورت آهي ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۽ انهن کي دردمنديءَ سان ٻڌ، پر حڪومت جو اھڙو ڪو بھ پروگرام نظر نھ پيو اچي.ملڪ عملي طور تي نازڪ صورتحال مان گذري رھيو آھي.اھڙي پوزيشن ۾ اھو بار ھميشھ حڪومت مٿان اچي ٿو تھ اھا حالتن ۽ مسئلن جو ادراڪ ڪندي انھن کي حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۽ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي، سرڪار جي ڪارڪردگيءَ مان لڳي ٿو تھ اھڙو ڪو تصور حڪومت وٽ موجود نھ آھي.جنھن ڪري اھي وقت کي ڌڪو ڏئي رھيا آھن،جنھن سان مسئلا نھ رڳو حل نھ ٿيندا بلڪھ ان سان ويتر پيچيدا ٿيندا ويندا.
ملڪ ۾ جاري ڇڪتاڻ مان اھو صاف نظر اچي رھيو آھي تھ حڪومت عوام جي حقيقي مسئلن کان لاتعلق ٿي وئي آھي.ھڪ حڪومت جو اھو ئي ڪم ھوندو آھي تھ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻايو وڃي ۽ عوام جي ڀلائي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي.پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ايندڙ ھر حڪومت عوام کان ووٽ وٺڻ وقت تھ وڏا وعدا ڪندي آھي پر اقتدار حاصل ڪرڻ بعد انھن کي وساري ويھي ٿي رھي.
جيڪڏھن انصاف ھجي تھ ڪنھن بھ انصاف جي اداري ۾ اھو ثابت ڪري ٿو سگھجي تھ ھن وقت عوام مھانگائي جي ڪري بي حال آھي،جنھن جو اصل سبب ،حڪومت پاران عوام جي مسئلن ۾دلچسپيءَ نھ وٺڻ آھي. مھانگائي جي طوفان سبب اڳ ئي معاشي بار ھيٺ دٻجي ويل ماڻھن جو رھيل رت ست بھ نپوڙيو پيو وڃي.واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي ڪري غربت وڌي رھي آھي ۽ عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ھيٺ ڪرندو پيو وڃي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي عام ماڻهو کي سخت متاثر ڪيو آهي.جنھن ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ گھاريندڙن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.ھن وقت غربت جي لڪير کان ھيٺ رھندڙ ماڻھن جو انگ 33 کان 40 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي.
سياست ۾ دلچسپيءَ رکندڙ حلقن جو چوڻ آھي تھ سياست گول دائري ۾ گھمي رھي آھي،جنھن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نھ پيو ملي.حالتن مان لڳي ٿو تھ ملڪ سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي.خيال ھو تھ چونڊن بعد قائم ٿيندڙ سرڪار معيشت کي ٽيڪڙو سيڪڙو ڏئي وقت کي ڌڪي ويندي،پر جيڪو منظر آھي ان ۾ اھو خواب پورو ٿيڻ جو امڪان ختم ٿي ويو آھي.
رياست جي تشريح ھي آھي تھ چونڊجي آيل يا چونڊرايل ڌر کي پارليامينٽ جوڙي ان ۾ ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي حقن لاءِ قانون جوڙڻو ھوندو آھي،جنھن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ ڌر کي حڪومت ڏبي آھي،جيڪا ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سسٽم جوڙيندي آھي.صورتحال ھي آھي تھ ھن وقت تائين رڳو حڪومت معاملا بھ چٽا نھ ھئڻ ڪري ڪڏھن حڪومت جو پلڙو ڳرو پيو ٿئي تھ ڪنھن مھل وري اپوزيشن اڳيان نڪري ٿي وڃي.اھڙي غيرمستحڪم حالت جو ملڪ جي معيشت تي اثر پئجي رھيو آھي.جنھن سان عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پئجي رھيو آھي.ملڪ ۾ عام ماڻھون جي صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي،مھانگائي،بيروزگاري،غربت ،صحت ۽ تعليم جھڙين سھولتن کان وانجھيل ماڻھو ڳڻتي ۾ ورتل آھي.حڪومت پاران ھن وقت تائين ڪنھن وڏي رليف نھ ملڻ سبب ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار جئين پوءِ تئين ڪِري رھيو آھي. ڇڪتاڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڪنھن وڏي ترقيءَ جو امڪان بھ نھ آھي.
سياست لچڪ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ھڪ فن ھوندو آھي،ڪو بھ سکڻي ضد سان سياستدان نھ ٿو ٿي سگھي.جيڪڏھن ضد تي ڳنڍ ٻڌڻي آھي تھ پوءِ ان جو نتيجو نھ رڳو ڪنھن ھڪ ڌر يا ڪنھن خاص حصي يا طبقي کي ڀوڳڻو پوندو پر ان جو اثر مجموعي طور تي سموري سماج تي پوڻو آھي.دنيا ۾ ڪو بھ اھڙو مسئلو نھ آھي جنھن جو ڪو حل نھ آھي،ان ڪري ڌرين کي فراخدلي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي.
ھڪ ڀيرو وري حڪومت ۽ عدليھ وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار جي ڪري سموري ملڪ جو ڪارونھوار رڪجي رھيو آھي،بظاھر ادارا ڪم ڪري رھيا آھن پر ھڪ غيرمستحڪم سياسي ماحول ۾ ان جو ڪو بھ اثر ظاھر نھ پيو ٿئي.حڪومت توڙي ٻين آئيني ادارن کي ڪو جٽادار حل ڳولي اجائي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ان سان عوام جو وڌيڪ نقصان ٿي رھيو آھي.جنھن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڪو بھ ذمو کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
حڪومت، اپوزيشن کي سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ماڻھو پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت تي ڀروسو ڇڏي ڏيندا ته اهڙو ملڪ ۽ حڪومت جي قانوني حيثيت ختم ٿٿي ويندي. اھو تاريخ جو سبق آھي جيڪڏھن ڪو ان مان نھ ٿو سکڻ چاھي تھ ان جو ڪو بھ علاج نھ آھي. پر ان سان اصل نقصان عوام ۽ ملڪ جو ٿيندو.