وڻن جي واڍيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ جا ٻيلا گهڻي ڀاڱي وڍجي ويا آهن. انهن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. باقي ڪي ٿورا ٻيلا بچيا آهن. جن ۾ وڻ بيٺل نظر اچن ٿا. پر، هاڻ انهن وڻن جي واڍي به شروع ڪئي وئي آهي. ٻيلن جا وڻ وڍي قومي ملڪيت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. اڳ ۾ درياءَ جي ڪنارن سان ٻيلا هوندا هئا. جن مان هاڻ هڪ به ڪونه بچيو آهي. انهن جي ايراضي تي فصل ڪاهجي رهيا آهن. اهي ٻيلا ڪچي جا ٻيلا ڪري سڏبا آهن. هاڻ اهي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ پڪي جي ٻيلن کي به ڪونه ٿو بخشيو وڃي. انهن کي به سوڙهو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. هونئن ته چيو پيو وڃي ته سياسي بااثر ڌريون ٻيلن کي وڍرائڻ ۽ زمين تي قبضي ڪرڻ ۾ ملوث آهن. ان حقيقت کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. پر، هاڻ اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته، ٻيلن ۾ وڻ وڍرائڻ ۽ ٻيلن جون زمينون قبضي ڪرائڻ ۾ ٻيلي کاتي جي عملي جو وڏو هٿ آهي. اهو عملو رشوت وٺي وڻ وڍرائيندو وتي ۽ زمينون به ورهائيندو وتي. اهڙي طرح ڄاڻايل عملو خوب پئسو ڪمائي رهيو آهي. کين هن قومي نقصان جو احساس به ڪونه ٿو ٿئي.

تازو هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، سيوڻ جي مختلف علائقن خيرو ديرو، آباد، ڪنداهه سميت ٻين علائقن ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن جي ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ سان ٻيلي کاتي جون زمينون آباد ٿي ويون آهن. انهن زمينن تي مختلف فصل پوکيا پيا وڃن. هاڻ اتي ڪوبه وڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ٻيلي جو ڪو نالو و نشان ظاهر ڪونه آهي. ڏسڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته هتي اڳ ۾ ڪوبه ٻيلو ڪونه هوندو هو. هي اصل کان زرعي زمينون آهن. ڄامشوري ضلعي جي ٻيلي کاتي جي عملي جي ملي ڀڳت سان ضلعي جي مختلف ٻيلن ۾ وڻن جي واڍي کان پوءِ زرعي فصل جي پوکائي جو ڪم به جاري آهي. ذريعن موجب فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن پاران سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين جو في ايڪڙ پندرنهن کان ويهه هزار روپين ۾ ساليانو مقاطعو ڏيئي رهيا آهن. جنهن ڪري بااثر ماڻهن پاران سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٽريڪٽر هلائي زمين کي آباد ڪري مختلف قسمن جا فصل پوکيا ويا آهن. گذريل سال نالي ماتر پوکيل ٻٻرن جا وڻ پڻ وڍجي ويا آهن.  سنڌ جي سڄاڻ ڌرين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ذميوار عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته، ٻيلي کاتي جا عملدار رشوت عيوض ٻيلي جي زمينن تي قبضا ڪرائين ٿا ۽ وڻ وڍرائين ٿا. اهو عملو پاڻ قبضن ۾ ملوث آهي. جن تي ڪرڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي.

ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ ٻيلي کاتي جي عملي ڪيترائي دفعا آپريشن ڪيا آهن. پر، اهي آپريشن ناڪامياب ڪرائڻ ۾ ٻيلي کاتي جي عملي جو وڏو هٿ رهيو آهي. قبضي ڪندڙ ڌرين کي آپريشن جو اڳ ۾ ئي اطلاع ڏيئي سندن سازو سامان اتان کان منتقل ڪرائي ڇڏڻ ۾ به مذڪوره کاتي جي عملي جو ڪارنامو آهي. پوءِ جڏهن پوليس پنهنجو آپريشن پورو ڪري واپس هليو ٿي ويئي ته اهي ساڳيا ماڻهو واپس اچيو ويهن ۽ زرعي فصل پوکيو ڇڏين. اهڙي طرح فوج جي نگراني ۾ به آپريشن ڪيا ويا. جيڪي ناڪامياب ٿي ويا. ٻيلي جي زمين جو هڪ انچ به َقبضو ڪندڙن کان ڪونه ڇڏايو ويو. نيٺ فوج به واپس هلي وئي مطلب ته انهن آپريشن ۾ ٻيلي کاتي جو عملو مخلص ڪونه ٿيو. سچائي ڪونه ڏيکاري بظاهر قانون نافذ ڪندڙ ايجنسين جا ساٿي ٿي بيٺا. پر، اندروني طرح قبضا مافيا ڌرين سان مليل هئا. جنهن ڪري حڪومت جون سموريون ڪوششون ڪامياب ٿي ڪونه سگھيون ۽ ناڪام ٿي ويون. ٻيلي کاتي جا آفيسر رڳو بيان جاري ڪري پنهنجي ڪاميابي جو اظهار ڪندا رهيا. باقي ڏسڻ ۾ ڪجهه به ڪونه آيو.

ٻيلن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ عدالتن جا واضح احڪامات جاري ٿي چڪا آهن. جن ۾ چيو ويو آهي ته، ٻيلن جي زمين خالي ڪرائي، اتي ٻيهر ٻيلا پوکيا وڃن. نوان وڻ پوکيا وڃن. جن جي حفاظت ڪرڻ کاتي جي ذميواري آهي. پر، مذڪوره کاتي ان حڪم تي عمل ڪونه ڪيو. ڪورٽ جي حڪم کي ڪونه مڃيو. ڪوبه عمل ڪونه ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ جي ٻيلن جي صورتحال جاچڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي سيٽلائيٽ ۽ فزيبلٽي رپورٽ لاءِ روينيو کاتي کي حڪم جاري ڪيا هئا. پر ان تي به عمل ڪونه ڪيو ويو ذريعن موجب ڪيترن ئي زميندارن پاران روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ سان ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين پنهنجي نالي ڪرائي سرڪاري رڪارڊ ۾ داخلائون رکرائي ڇڏيون آهن هاڻ اهي زميندار ڄاڻايل زمينون آباد ڪرائي زرعي فصل ڪاهي ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن. جنهن مان سرڪاري خزاني ۾ ڪجهه به رقم جمع ڪونه ٿي ٿئي. البته انهن زميندارن وٽان ملندڙ رقم ٻيلي کاتي جا آفيسر ۽ ٻيا وس وارا ورهائي پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن.

ٻيلي جي زمينن تي نه رڳو ٻيلي کاتي ۽ روينيو کاتي جو عملو ملوث آهي پر، واپڊا (بجلي) کاتي وارا ملازم به ملوث آهن. انهن بااثرن جي سفارش يا ڳري رشوت وٺڻ کان پوءِ ڪچي جي زمينن تائين بجلي ڏني آهي. ڪچي جون اهي زمينون جتي ٻيلا پوکيل هئا. جيڪي هاڻ وڍجي چڪا آهن. جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. حيسڪو ۽ سيپڪو جي اختيارين پنهنجا اختيار تجاوز ڪندي ٻيلي جي قبضي ڪيل زمينن تائين بجلي فراهم ڪئي آهي. جيڪا بلڪل غيرقانوني آهي ان کاتي به قانون جي لتاڙ ڪئي آهي. پر انهن جي خلاف قانون چرپر ڪونه ٿو ڪري. قانون خاموش ٿي ويو آهي. شايد، قانون کان اهي عملدار سگھارا ۽ طاقتور آهن.

باخبر زريعن موجب ڪجهه وقت اڳ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيسڪو توڙي سيپڪو اختيارين کي ٻيلي مان ٽرانسفارمر لاهڻ ۽ ڪنيڪشن ڪٽڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. پر، ڄاڻايل کاتي ان حڪم کي اڄ ڏينهن تائين ڪونه مڃيو آهي. جنهن ڪري عدالتي حڪمن تي عمل ٿي نه سگھيو آهي ۽ مذڪوره زمينن تائين بجلي جي فراهمي جاري وساري آهي. اڄ به اها فراهمي ڪئي پئي وڃي ۽ ٻيلي جي زمينن تي وڃبو ته اتي بجلي جا ٿنڀا (پول) تارون ۽ ٽرانسفارمر لڳل نظر ايندا. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، واپڊا (بجلي) کاتي جا عملدار به هن قبضي ۾ ڏوهاري آهن. هن ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ۽ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اهي به رشوت جا پئسا وٺيو پنهنجا کيسا پيا ڀرين ۽ جاوا ڪندا وتن. جڏهن غيرقانوني ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. تڏهن بجلي جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. جنهنڪري بجلي جي کوٽ ٿيندي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو بجلي جي لوڊشيڊنگ به وڌندي پئي وڃي. چند ڪلاڪ بجلي جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي باقي لوڊشيڊنگ هئڻ ڪري عوام پريشان ٿي ويو آهي. واپڊا وارن کي ڪير به چوڻ وارو ڪونه آهي. اعليٰ اختياريون بيوس بنجي تماشو ڏسي رهيون آهن. ملوث عملي جي خلاف ڪوبه قدم ڪونه ٿيون کڻن ۽ سندن خاموشي جو مقصد اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته اختياريون راضي آهن. ته ڪچي ۾ بجلي ڏني وڃي ۽ اتان خوب پئسو ڪمايو وڃي. کين به حصو پتي جو آسرو رهي ٿو. مون هتي ٽن کاتن جي عملي جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو وڻ وڍرائڻ ۽ زمين تي قبضا ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ ملوث آهي. پر، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اڃا ڪي ٻيا لڪل هٿ به آهن جيڪي مذڪوره قبضو ڪرائڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن. اهي هي قومي ورثو، اثاثو، دولت ۽ ملڪيت هٿ سان تباهه ڪرائيندا وتن. کين پنهنجا مفاد آهن جن کي ترجيح ڏني پئي وڃي جڏهن هيڏو وڏو قومي نقصان ٿي رهيو آهي. تنهن جو احساس ڪونه اٿن ان عمل تي جيترو به افسوس ڪجي سو بلڪل ٿورو آهي.

مطلب ته وڻن جي غيرقانوني واڍي، قومي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ٻيلي جي زمينن  تي قبضي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيتريون ئي ڌريون ملوث آهن. انهيءَ ڏوهه جون مرتڪب آهن جن مان ڪن ڌرين جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. اهي ڌريون ڪورٽ جو حڪم به مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اهي سگھاريون ۽ طاقتور آهن. جنهن ڪري ڪنهن جي به ڪونه ٿيون ٻڌن ۽ هو قانون کان مٿاهيون آهن. جڏهن اها حالت برقرار رهي ته اسان وٽ ٻيلا ڪڏهن به پوکجي نٿا سگھجن. ساوڪ، رنگيني ۽ رونق پيدا ٿي نه ٿي سگھي. ياد رهي ته وڻن ۾ اسان جو جياپو شامل آهي وڻ اسان جي حياتي لاءِ ضروري آهن اهو ئي سبب آهي جو دنيا جون سڌريل قومون ۽ حڪومتون وڻ پوکڻ کي ترجيح ڏين ٿيون. وڻ جي حفاظت ڪنديون رهن ٿيون پر، هتي اسان وٽ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي اسان هٿ سان وڻ وڍي ملڪ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون. وري به وس وارن اختيارين کي اپيل آهي ته سنڌ ۾ ٻيهر ٻيلا پوکرايا وڃن ۽ ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.