اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) افغان شهرين جو جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي پاڪستان مان ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، پاڪستان جي وزٽ ويزا بند ٿيڻ سبب افغان شهرين جو وڏو انگ علاج جي بهاني پاڪستان جي ويزا حاصل ڪري رهيو آهي، اهڙا افغان شهري ڪابل کان اسلام آباد ايندا آهن ۽ هتان پرڏيهه وڃڻ جي ڪوششون ڪندا آهن.
اختيارين موجب، اهڙا پرڏيهي اسلام آباد، لاهور يا ڪراچي جي سفارتخانن يا قونصليٽ مان آمريڪا يا جپان سميت مختلف ملڪن جون ويزائون حاصل ڪندا آهن ۽ پوءِ پاڪستان مان انهن ملڪن جو سفر ڪندا آهن.
اميگريشن اختيارين موجب، گذريل ٽن ڏينهن دوران اهڙن 9 افغان شهرين کي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو جيڪي جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي علاج جي بهاني پاڪستان آيا هئا ۽ پوءِ هتان کان ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
اميگريشن اختيارين وڌيڪ چيو ته گرفتار افغان شهرين کي ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل عدالتي حڪمن تي جيل اُماڻي ڇڏيو آهي.
اميگريشن اختيارين موجب، افغان شهرين جون ويزائون ته درست ظاهر ٿيون آهن پر سندن پاڪستان ۾ بهانو بڻائي داخل ٿيڻ ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ڏوهه آهي.
You might also like