مخصوص سيٽن بابت اسپيڪر جو خط، پي ٽي آءِ جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي وڌيڪ وضاحت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط تي وضاحت جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته عدالت واضح ڪري ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم 12 جولاءِ واري آرڊر تي لاڳو نه ٿيندي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي اليڪشن ڪميشن کي خط درست قانوني پوزيشن واضح نٿا ڪن، ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرن جي خطن جو 12 جولاءِ واري مختصر فيصلي تي ڪو اثر نٿو پوي، اسپيڪرن جا خط اليڪشن ڪميشن طرفان نظرانداز ڪرڻ گهرجن، 14 سپٽيمبر جي وضاحتي حڪمنامي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن 12 جولاءِ واري مختصر فيصلي تي عملدرآمد جو پابند آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته معاملو ٻڌڻي هيٺ هئڻ تائين اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن به پارٽي کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ عدالت سموري معاملي تي وضاحت جاري ڪري.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط لکي سياسي جماعتن کي اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون الاٽ جو چيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.