ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ ڀيرو وري وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا، گورنر هائوس جا ٻه پڃرا خالي آهن.
ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي 2008 کان 2013 تائين دهشتگردي خلاف ويڙهه وڙهي ۽ صوبي کي پُرامن بڻايو، اڄ خيبرپختونخوا جو ڏکڻ وارو علائقو نو گو ايريا بڻيل آهي، حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، ڇهه سئو ارب خيبرپختونخوا ۾ آيا آهن، ڪٿي خرچ ٿيا؟ اڄ پوليس بي يارو مددگار جنگ وڙهي رهي آهي.
فيصل ڪريم چيو ته صدر ۽ وزيراعظم کي صوبي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي، اڄ به بيماري ايڏي وڏي ناهي جنهن جو علاج نه ٿي سگهي، پر جيڪڏهن دير ٿي ته اِها بيماري جي لا علاج ٿيڻ جو خدشو آهي، وڏي وزير جو ڪم آهي ته امن امان قائم ڪري پر امن امان جي صورتحال تي اسيمبليءَ جو اجلاس ناهي سڏايو ويندو، ڪي پي جو امن جي بحالي موجودا حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي.
هن چيو ته گورنر راڄ آئين ۾ هڪ آپشن آهي، هو سياسي شهيد بڻجڻ چاهين ٿا پر مان نه ٿو چاهيان ته سياسي يتيم سياسي شهيد بڻجن.
فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿس تنقيد ڪندي چيو ته نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا، گورنر هائوس ۾ ٻه پڃرا خالي پيا آهن.
” نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ ناهن ڊوڙندا“ فيصل ڪريم جي علي امين گنڊاپور تي ڇتي تنقيد
You might also like