اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊپور ۽ تحريڪ انصاف جي ٽن اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي هڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف جڊيشل ڪامپليڪس حملي ۽ ڀڃڊاهه ڪرڻ تي آءِ نائن ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل راجا ظهور الحسن، علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست جمع ڪرائي.
جج طاهر عباس سپرا چيو ته گذريل ڀيري تي 4 سيپٽمبر تي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست ڏني وئي هئي ۽ 8 سيپٽمبر تي جلسي ۾ طبيعت ٺيڪ هئي؟
عدالت عدم پيروي تي علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.
عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته مسلسل غير حاضر رکڻ تي عمر تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت فيصل جاويد جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like