ايئر مارشل امر پريت سنگهه ڀارتي فضائيا جو نئون سربراهه نامزد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ايئر مارشل امر پريت کي فضائيا جو نئون چيف نامزد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ايئر مارشل امر پريت سنگهه هن وقت ڀارتي فضائيا ۾ وائس چيف آف ايئر اسٽاف طور ذميواريون انجام ڏئي رهيو آهي، جيڪو ڀارتي فضائيا جو نئون سربراهه هوندو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايئر مارشل امر پريت سنگهه هلندڙ مهيني 30 سيپٽمبر تي فضائيا چيف طور چارج سنڀاليندو، ان ئي ڏينهن ڀارتي فضائيا جو موجوده چيف ويويڪ رام چوڌري رٽائر ٿيندو.
ڀارتي ميڊيا موجب امر پريت سنگهه فضائيا جو 47هون سربراهه هوندو، هو پهرين فيبروري 2023 کان وائس ايئر چيف جي عهدي تي مقرر آهي.
امر پريت سنگهه 1984 ۾ فضائيا ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هو ڀارتي فضائيا جي ٻين اهم عهدن تي به رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.