پاڻي جياپي جو مسئلو آهي، سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيندا: رياض چانڊيو

ٺٽو(ڊر) جيئي سنڌ محاذ جي سربراھه رياض علي چانڊيو مڪلي پھچي پارٽي وائيس چيئرمين نواز شاھه ڀاڏائي ۽ سرور شاهھ ڀاڏائي سان سندن مامي جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته پاڻي سنڌ جي جياپي جو مسئلو آھي، پاڻي تي مسلسل ڌاڙي سبب ۽ پاڻي ٺاھن جي ڀڃڪڙين خلاف سامونڊي پٽي جا ماڻھو فاقا ڪشي تي مجبور آھن،  تاريخي شھر ۽ ماڳ ڀڙڀانگ بڻجي ويا آھن، روزگار جا مرڪز تباھ ٿيڻ سان گڏ سمنڊ سڀ ڪجھه ڳڙڪائي ويو آھي، 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ ھلي وئي اھي، ان جو سبب مٺو پاڻي نـه اچڻ آھي، رياض علي چانڊيو چيو ته ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي ملندو، پنجاب غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون پيون ڪري تـه جيئن وڌيڪ پاڻي ڦٻائي سگھي،  پنجاب ڏاڍ جي زريعي اسان جو پاڻي چورائي پنھجا ٿر بر آباد پيو ڪري، اسين معاشي طور بربادي جي ڪناري تي اچي بيٺا آھيون، ھن چيو ته پنجاب جي ان جبر ۽ جارحيت کي ڪڏھن بـ حڪومتون روڪي ناھن سگھيون، سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام کي ھن جياپي جي جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪريون ٿا ان ڏينھن سڀ شھري روڊن تي نڪري اچن. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ نظير شيخ، شير دين شيخ، مير اعجاز سنڌي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.